اوٽاوا-04 جولاءِ (اي ??ي پي) ڪئنيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو ليفٽيننٽ جنرل جيني ??ري??نن کي ڪينيڊا جي هٿيار بند فوج (سي ??ي ايف) جي پهرين عورت سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق هن گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيني ??ري??نن جيڪا هن وقت پروفيشنل ڪنڊڪٽ اينڊ ڪلچر جي سربراهه آهي ۽ کيس جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. هوءَ موجوده چيف آف دي ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ايس) جنرل وين آئر جي جاءِ والاريندي. ڪينيڊا جي هٿياربند فوج مان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيني ??ري??نن جو فوجي ڪيريئر 35 سالن تي ٻڌل آهي. سال 2008ع ۾ جيني ??ري??نن هٿياربند فوج (سي ??ي ايف) جي تاريخ ۾ جنگي هٿيارن جي يونٽ جي ڪمانڊ ڪندڙ پهرين عورت بڻي. هن افغانستان،بوسنيا هرزيگوينيا ?? شام ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 2019ع کام 2020ع تائين عراق ۾ نيٽو مشن جي قيادت ڪئي. کيس 2021ع ۾ موجوده عهدي تي ترقي ڏني وئي. جيني ??ري??نن 18 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ جنرل جي عهدي جي چارج سنڀاليندي.
ڪئنيڊا جي وزيراعظم پاران ليڊي ليفٽيننٽ جنرل کي هٿياربند فوج جي پهرين عورت سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا