مڪو شريف-14 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين وفد سان گڏ سعودي هم منصب ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه سان ملاقات ڪئي جيڪا سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي منيٰ ڪيمپ آفيس ۾ ٿي، پاڪستاني وفد ۾ مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري ذوالفقار ??يدر، حافظ طاهر اشرفي، ڊي جي حج عب??ال??هاب سومرو ۽ مڪي شريف بابت ڊائريڪٽر فهيم خان آفريدي شامل هئا. چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستاني حاجين جي سهولت لاءِ سعودي حج واري وزير جو خصوصي ڌيان خوشي ج??ڳو آهي، سعودي حڪومت حج انتظامن ۾ هر سال جدت ۽ نيون سهولتون متعارف ڪرائي رهي آهي. سرڪاري ۽ نجي حج پانڌئيڙن لاءِ سعودي اداري طرفان بهترين سهولتن تي اطمينان آهي. سعودي حج ۽ عمري واري وزير چيو ته منيٰ ??رف??ن ۾ پاڪستان حج مشن جي سمورن ضرورتن جو خيال رکيو ويندو ۽ کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. مشاعره مقدسه ۾ بهتر سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ نجي ڪمپنين جي ح??صلا افزائي ڪري رهيا آهيون. مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ذوالفقار ??يدر چيو ته ايندڙ سال سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيم لاءِ ون ونڊو ذريعي رابطا قائم ڪنداسين.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي وفد سميت سعودي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن