بئنڪاڪ-05 آڪٽوبر(اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ انسان?? آبادي جي پکيڙ ۾ وڌيڪ تيزي سان اضافو ٿي رهيو ??هي. عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جون رينٽشلر جي سربراهي ۾ تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطرن وارن علائقن ۾ انسان?? آبادي ۾ اضافو 1985ع کانپوءِ محفوظ علائقن ۾ ان رجحان جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ??هي. جون رينٽشلر موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني وستين کي ماحولياتي تبديلي موجب بدلائڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ انسان?? آبادين جي امڪاني ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي امڪانن ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيا آهن. ان تحقيق ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل ٻوڏ جي نقشن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي انسان?? آبادي جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ واري سيٽلائيٽس ذريعي گذريل 30 سالن دوران ورتل تصويرن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته 2015ع تائين آبادي وارن سمورن علائقن مان 20 سي??ڙو علائقا وچولي يا وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن وارا هئا، جيڪي ٽي ڏهاڪا اڳ 17.9 سي??ڙو هئا، انسان?? آبادي وارن علائقن جو اهو تناسب تقريبن 76 هزار 400 ڪلوميٽر انسان?? آبادي جي برابر آهي جيڪو گريٽر لنڊن جي ڳاڻيٽي کان 48 ڀيرا وڌيڪ ??هي. رپورٽ موجب اهڙن علائقن ۾ اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جو خطو، خاص طور تي چين سان گڏوگڏ ويٽنام ۽ بنگلاديش ۾ شهري واڌ وارا علائقا خاص طور تي ذڪر جوڳا ??هن. ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي خطرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گرم ماحول وڌيڪ گهم رکي ٿو، جنهن سان برسات امڪاني طور تي وڌيڪ ط??قتور ٿيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ٻوڏ جا واقعا جيڪي هر 100 سال يا ان کان وڌيڪ جو امڪان سمجهيو ويندو هو هاڻي تيزي سان عام ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته آبادي جي رجحان کي سمجهڻ شهر?? آبادين جي پکيڙ جي حوالي سان پاليسين کي تبديل ڪرڻ جو پهريون قدم هجڻ گهرجي.
سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ آبادي جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں