ڪراچي-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو آهي ته پ پ فلسطيني عوام جي مسئلي ۽ سندن حقِ خودمختاري جي ڀرپور حمايت جاري رکندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق پ پ چيئرمين فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ چيو ته پ پ هميشه فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختاري جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل رهي آهي. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسطيني عوام جي حقن لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. بلاول ڀٽو ??رد??ري غزه ۾ جاري ڏاڍ کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن تي زور ڀريو ته هو اسرائيلي ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ پنهنج??ن ذميداريون نڀائين. چيئرمين فوري ۽ غير مشروط جنگبندي، قابض فوج جي نيڪالي ۽ غزه ۾ جنگ سٽيل عوام لاءِ امدادي سرگرمين جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ اُمنگن مطابق آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪري. بلاول ڀٽو ??رد??ري پاڪستان جي تاريخي مؤقف ??و ورجاءُ ڪندي ٻه رياستي حل جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته هي مسئلو جٽادار ۽ منصفاڻي حل طرفان وڌڻ ??و واحد رستو آهي.
پ پ فلسطيني عوام جي مسئلي ۽ سندن حقِ خودمختاري جي ڀرپور حمايت جاري رکندي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج