لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 ر??ني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وار?? وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وار?? وفاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، ??عف?? خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.
وزيراعظم پاران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی