اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي طرز عمل جي جاچ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ترين رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگي طريقن کي نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها شهر??ن جي مارجڻ ۽ لکين فلسطينين ??ي ڄاڻي واڻي مڙهيل سنگين حالتن جي دستاويز آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪميٽي پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي ۽ گڏيل قومن جي خلاف جاري مهم ۽ حملن جي مذمت جي آجيان ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات جي ووٽنگ جي نتيجي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ واري قرارداد تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي جي پنهنجي مطالبي ۽ انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ سميت فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ??ا.
پاڪستان پاران اسرائيلي بابت گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ترين رپورٽ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل