اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا مل??قات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مل??قات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تا??يخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه جي هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ماهرن جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي ان??ره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وق?? هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا کي ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها ان??رنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه جي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.
گهرو وفاقي وزير پاران ترڪيه جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے