اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ا??افي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا س??ڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جا??ي ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي ا??افي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري ت??ئين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جا??ي ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي ت??ديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پي ٽي وي جي ايم ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania