ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪندي چيو آه?? ته هي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ امن جي علامت آه?? جيڪو پاڪستان جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آه??. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين پاڪستان جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن تمام گهڻي ڪردار کي ساراهيو آه??. سندس چوڻ هو ته ڏياري اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آه??. پ پ چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ جي پُختي عزم ??ي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجا ڏڻ وقار ۽ آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ڏياري جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرعمل عمل آه?? جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪهڙو به هجي، گڏيل احترام ۽ هم آه??گي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ