اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب ??زي??اعظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. نائب ??زي??اعظ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي روشني وڌي. نائب ??زي??اعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي ??زي?? محمد توحيد حسين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ