اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪو ٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز (آءِ اين ايل) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي س??ڪا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ آمريڪا جي نائب سفير نيٽلي بيڪر، ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ اين ايل لائن نيلسن، پوليس ايڊو??ئي??ر ايڊ پريسٽن ۽ پوليس پروگرام اسپيشلسٽ فيصل گل به شامل هو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ آءِ اين ايل غير معمولي س??ڪا?? فراهم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي اهم منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. چاهيون ٿا ته ان س??ڪا?? کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ۽ پ??ئي??ار بنيادن تي قائم ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ذريعي سڀ کان پهرين انتهائي اهميت وارن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. محسن نقوي چيو ته ??يف آءِ اي پاڪستان جو انتهائي اهم جاچ ادارو آهي، چاهيون ٿا ته ??يف آءِ اي کي آءِ اين ايل جي س??ڪا?? سان ??يف بي آءِ جي طرز تي متحرڪ ادارو بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهو منصوبو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ انتهائي ضروري آهي ته جيئن ان کي هڪ عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائي سگهجي. هن چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيلبري سڄي پاڪستان ۾ ريزور پوليس جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان فورس کي به جديد بنيادن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، انهن سمورن معاملن ۾ اسان لاءِ سڀني کان اهم آمريڪا جي تجربي مان فائدو کڻڻ آهي. هن چيو ته منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ به هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. آمريڪي وفد طرفان دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. آمريڪي نائب سفير ٻڌايو ته آءِ اين ايل 42 سالن کان پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. خواهش آهي ته ان س??ڪا?? کي وڌيڪ مضبوط ۽ پ??ئي??ار بڻايو وڃي.پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ ئي آمريڪا جي سيڪيورٽي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ