لنڊن – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن ??ي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي ??وم سعودي عرب جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي قي??دت ۾ سعودي عرب 21هين صديءَ جي عظيم ملڪ جي حيثيت سان اڀريو آهي، سعودي عرب جو ويزن 2030ع سڄي دنيا جي لاءِ مثالي نمونو آهي. اڄ جي دور ۾ سعودي عرب ڪاروبار، ٽيڪنالاجي، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ اسرندڙ ملڪن جي مثالي قي??دت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن ??ي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب مشڪلاتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني معيشت جي تازي استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ سڄي ??وم سعودي عرب جي ٿورائتي آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا سدائين قائم رهندا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ديني ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون