اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ??وامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، ملڪي صورتحال ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي هر شڪل ۾ مذمت جوڳي آهي، دهشتگرديءَ خلاف قومي بيانيو پاڪستان ??و آواز آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. اي اين پي دهشتگرديءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته اي اين پي جي ماڻهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادتون ماڻيون آهن، اسان کين خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ سياسي ۽ گروهي فرق کان ??ٿا??هون ٿي پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، انشاءَ الله عوام جي حمايت سان ??هشتگرديءَ جو خاتمو ڪنداسين. اي اين پي جي صدر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اي اين پي جي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو، ان ??نگ ۾ مان ??وهان ??ان گڏ آهيان.
وفاقي وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار