اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ انهن رپور??س جي ترديد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان پاران ايران جي حمايت جي لاء?? ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آگسٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ايران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌيان ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته اهڙي بي بنياد رپور??س جي پٺيان ماخذ ۽ ان جي پٺيان موجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان لاءِ اسان ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث نه ٿين.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ انهن رپورٽون بي بنياد قرار
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات