اسلام آباد – 29 – جول??ئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پٺتي پيل طبقن جي ڀل??ئي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو ??ڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گوادر ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پٺتي پيل طبقن جي ڀل??ئي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو ??ڃي. صدر بئنڪن پاران بينظير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو ??ڃي. هن چيو ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چيو ??ڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچ??ئي سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي بينظير ڪفالت، تعليمي وظيفن، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳ??لهه کان آگاهه ڪيو ??يو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته بينظير ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي جڏهن ته ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ??يو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي لاءِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خاندانن جي لاءِ 461 ارب رپيا جڏهن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چيو ??يو ته بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان 97 لک ٻار فائدو کڻي سگهندا، ان سان گڏوگڏ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس پروگرام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳ??لهه کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي کير پيا?? ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 2022ع ۾ ٻوڏ دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل طبقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ