اسلا?? آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي ??يئرمين ۽ پر??يه?? وز??ر راشد ميريدوف وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وز??راعظم ٻنهي پر??يه?? وز??رن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وز??راعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم پاران ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش