اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪ??تا??ي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻن عورت هيلٿ ورڪرز، چوڪيدار ۽ جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نا??ب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪ??تا?? مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ??تا??ي قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪ??تا??ي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena