بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي پنجن ڏي??هن جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني قيادت، چيني سرڪ??ري عملدارن سان ملاقاتن کي چين جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چين جي ناليو??ري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوبل ٽائيمز، چائنا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چائنا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چين جي سرڪ??ري نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنس?? وزيراعظم جو انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوبل ٽائيمز وزيراعظم جو مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم جي چيني گادي و??ري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي، مختلف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چائنا بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروب??ري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽيليويزن ت?? وزيراعظم جي دوري جي مختلف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ??يو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت ت?? وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون دوران چين جو سرڪ??ري دورو ڪيو. دوري دوران هن چين جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني قيادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چين جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام