اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبن جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي ??حي??ون ڪيون ويون آه??. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي هلن??ڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ م??اهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي ??حي??ون ڪيون آه??. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آه??. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي توانائي جي شعبي ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي شعبي ۾ ٻه، ثقافتي تعاون جي شعبي ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي شعبي ۾ چئن ايم او يوز تي ??حي??ون ڪيون آه??. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي ??حي??ون ڪيون آه?? جڏهن ته لاجسٽڪس جي شعبي ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شعبي ۾ م??اهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ ??حي??ون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي شعبي ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ ??حي??ون ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آه??.
پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن