شينزن – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي ??روعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي ??ستحڪام ۽ تر??ي ۾ ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي ??ندر هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي ??ستحڪام ۽ تر??ي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي ??ونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهي??لز جي ??والي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيا??ت سان پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدمن سان پاڪستان ترقي ڪندو.
وزيراعظم جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری