اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي ??ي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عد??يه 9 مئي ??ي ڪيسز کي من??قي انجام تائين پهچائي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي ??ي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح ??هي ته ڪير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي ه??اي??ون ڏئي ??هيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود هيون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عد??يه کي گذارش آهي ته 9 مئي ??ي ڪيسز کي من??قي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي ??وال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيلن جون سختيون ڀوڳيون آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن کي ه??اي??ون جاري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويهڻ تي مجبور ڪيو وڃي، انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي ورزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.
9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر