اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان اٽلي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ??ي ??هم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پاڪس??ان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪس??ان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. هن سمنڊ پا?? پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي اٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪس??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.
پاڪستان ۽ اٽلي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں