اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن ل??ءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي ل??ءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ل??ءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم ??بئي، گڏيل عرب ا??ار??ت ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ