تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موق??ي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي ??بارڪباد ڏني. ان موق??ي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي ??موار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي ??روغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ??رجايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر پاران ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ