اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ ل??ءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو وي?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ا??ب رپيا آهي. نگران وز??را??ظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وز??را??ظم چي?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا نتيجا ??نتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم چي?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وز??را??ظم چي?? ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ??صيدار بڻجن. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مقامي خ??را??ي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وز??را??ظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر