اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هدايت ڪئ?? آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول جي سخت طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻ??ئي?? ته ضروري شين ۽ خدمتن جون قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ طرف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان تي سختي ??ان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری