اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، اڄ پيمرا (ترميمي) بل حقيقت بڻجي چڪو آه??، ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوين تحفظ ملي چڪو آه??، سمورين ڌرين اظهار راءِ تي پابندي جي حوالي سان ڊيفي نيشن ٺاهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، تنقيد کي سدائين برداشت ڪيو آه??، مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ بدتميزي جا واقعا سڀني جي سامهون آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ پي آر اي، سي پي اين اي، پي بي اي، پي ايف يو جي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين رهنمائي ڪئي، اظهار راءِ تي پابندي جي حوالي سان سمورين ڌرين ڊيفي نيشن ٺاهي، 12 مهينا ان بل تي مشاورت جاري رهي، ميديا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو ويو، اهو سفر 12 مهينا تسلسل سان جاري رهيو. مريم اورنگزيب چيو ته مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آه??، مسجد نبوي ﷺ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو داخل ٿيس ته مون تي تنقيد ڪئي وئي، لنڊن ۾ به مون کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جڏهن پهريون ڀيرو پيمرا (ترميمي) بل پيش ٿيو ته بنا پڙهڻ جي ان جون ڌڄيون اڏايون ويون. پيمرا چيئرمين جي مدي ۽ توسيع بابت اعتراض ڪيو ويو، ان حوالي سان پيمرا ترميمي بل ۾ شق موجود آه??. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل تي شقوار بحث ٿيو، هتي منظور ٿي اهو بل سينيٽ ۾ ويو ۽ پوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ۾ به پيش ٿيو، اتي پي آر اي کانسواءِ اهي ماڻهو موجود نه هئا جن ان بل تي مشاورت ڪئي هئي. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل جي تياري ۾ شامل سمورين ڌرين اچي ان بل جي حمايت ڪئي پر بل تي اعتراض اٿاريا ويا. هن چيو ته اسان چيو ته بل منظوري جي مرحلن ۾ آه??، جيڪڏهن ڪا بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اسان ڪنداسين. هن چيو ته اهو تاثر غلط آه?? ته اهو قانون جلدبازي ۾ تيار ڪيو ويو آه??. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ الزام هنيو ويو ته ميڊيا جو آواز بند ڪيو پيو وڃي، صحافت تي پابندي هنئي پئي وڃي، ان تي مون بل واپس و??ڻ جو فيصلو ڪيو، مون چيو ته جيڪڏهن ڪو شڪ به اچي رهيو آه?? ته ان بل سان صحافت تي پابندي لڳي رهي آه?? ته آئون پنهنجي پارٽي، پنهنجي اتحادي حڪومت تي اهو داغ ڪڏهن به لڳڻ نه ڏينديس، ان تي مون بل واپس ورتو. هن چيو ته جڏهن بل واپس ورتو ته سمورين صحافتي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم مون کي چيو ته ڪنهن ميديا ورڪر ۽ صحافت کي احتجاج ڪرڻ جي نوبت نه اچي، توهان ان بل کي ٻيهر پيش ڪريو. مريم نواز مون کي ٽيليفون ڪري چيو ته ان مسئلي کي حل ڪريو. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز اتحاد جو مظاهرو ڪيو، انهن جي سڄي زندگي جي جدوجهد هڪ طرف ۽ ٽن ڏينهن جي جدوجهد هڪ طرف آه??. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پي آر اي سميت سمورا صحافي شيهي جي ديوار وانگر متحد ٿي بيٺل رهيا، پي آر اي، آر آئي يو جي، سي پي اين اي، ميڊيا ورڪرز، ڪئميره مين ايسوسيئيشنز سڀ ورڪنگ جرنلسٽس آه??، انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿي ته انهن منهنجو ساٿ ڏنو، پنهنجي انڊسٽري ۽ پنهن??ي ورڪرز جو ساٿ ڏنو، سڀني پيمرا بل کي پنهنجو بل سمجهي آواز بلند ڪيو. هن چيو ته اڄ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع حقيقت بڻجي چڪو آه??، اڄ اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه آه?? ته ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوني تحفظ ملي چڪو آه??، ان قانون جي ٺهڻ جي جهڙي طر?? توهان حفاظت ڪئي، اهڙي طر?? ان تي عملدرآمد جي لاءِ پڻ متحد رهڻو آه??. هن چيو ته هر دٻاءُ کي برداشت ڪندي آءِ ٽي اين اي جو چيئرمين لڳايو، وزيراعظم سدائين چيو ته ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه يٿڻ گهرجي، اسان پي آئي ڊي جا ڊائريڪٽ چيڪ آئي ٽي اين اي کي ڏنا، اتان ريڪوريون ٿي ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ورڪرز پنهنجي حقن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ اهڙي طر?? اتحاد جو مظاهرو جاري رکن.
پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa