اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ??رقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن، نوجوانن جي ??عليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستان ??ين??ونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي ??دارت ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پ??وگ??ام جي ??والي سان بجيٽ ??جو??زن تي منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏنيون. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، عطاءُ الله تارڙ، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي تحت نوجوانن جي ??رقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن. نوجوانن جي ??عليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستان انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. بجيٽ ۾ باصلاحيت ۽ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي هنر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ مفت ليپ ٽاپ جو پ??وگ??ام شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انڊونمينٽ فنڊ سان نوجوانن کي اعليٰ ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ آءِ ٽي ۾ مهارت جي ??ربيت ڏني ويندي. وظيفن ۽ تعليم جي لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي ??نصر کي اهميت ڏني وڃي. بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي فروغ جي لاءِ منصوبا شامل ڪيا وڃن. آبادگار پئڪيج تحت شروع ڪيل منصوبا جاري رکيا وڃن. بجيٽ ۾ قابل تجديد توانائي جا منصوبا شامل ڪيا وڃن. پن بجلي جي منصوبن ۽ توانائي جي ??عبي جي ??دت جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي رقم رکي وڃي. اهڙا منصوبا جيڪي سست رفتاري جو شڪار ٿي سالن کان پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهن ۽ پنهنجي ??هميت وڃائي چڪا آهن انهن کي ان جي ??ائره ڪار مان ڪڍيو وڃي. بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ وقت صوبن، لاڳاپيل شعبن جي ڌرين ۽ اتحادي پارٽين کي مڪمل اعتماد ۾ وٺي انهن جي ??جو??زن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ منصوبن جي ??والي سان ??جو??زن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي بجيٽ ۾ زرعي شعبي، قابل تجديد توانائي، نوجوانن جي لاءِ اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ روزگار جا منصوبا ترقياتي بجيٽ جو اهم حصو هوندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي جي ??رقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ منصوبا بجيٽ جو حصو هوندا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ وزيراعظم جي ??بادگار پئڪيج ۽ بااختيار نوجوان پ??وگ??ام جا ثمر عوام تائين پهچايا وڃن. ان حوالي سان 60 هزار نوجوانن کي هن وقت مختلف سرڪاري ترقياتي منصوبن ۾ انٽرن شپ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ پيداوار حاصل ٿي. وزيراعظم بجيٽ 24 – 2023ع جي ??رقياتي منصوبن ۾ ملڪي آمدني واپار جو متبادل فراهم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مختلف شعبن جي ??دت جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي واضح هدايت ڪئي.
ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی