اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا فريڊ?? انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊ?? انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊ?? انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌ??ئي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌ??ئي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا فريڊ?? انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر جي چار سالا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊ?? انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پاڪستان جي ميڊيا فريڊ?? انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.
صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪريُون ٿا، ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا