اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي ان سهولت جي شروعات تي ڊاڪٽرز ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته الحمدالله پاڪستان ۾ جگر ۽ گردي جي علاج جو جيڪو ٻوٽو پوکيو هو ان ميوو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي ڪي ايل آئي ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهل وطن کي ملڪ جي اندر ئي جگر ۽ گردي جي جديد ترين علاج جي سهولت ڏيڻ هئي، ان سهولت جي شروعات سان پاڪستان ۾ مريضن کي جگر ۽ گردن جي ورلڊ ڪلاس علاج جي مقامي سطح تي سهولت ميسر اچي وئي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪ??و ته پي ڪي ايل آئي پاڪستان جو ”جان پاڪنز“ بڻجندو. هن چ??و ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2019ع ۾ پنهنجي ڀاءُ کي وڌيڪ پگهار ڏيارڻ جي لاءِ چڪر ۾ چڪر نه هلائي ها ته اڄ پي ڪي ايل آئي تمام گهڻو اڳتي هجي ها. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۾ گردي ۽ جگر جي م??ضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اميد آهي پي ڪي ايل آئي سان ان م??ضن کي روڪڻ ۽ موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ گردي جي م??ضن سان فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 2.77 سيڪڙو آهي جنهن کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چ??و ته پي ڪي ايل آئي جهڙي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال ٻين علائقن ۾ به ٺاهينداسين. هن چ??و ته اڳوڻي حڪومت ادارن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف روبوٽڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي رهي، اسان اها ٽيڪنالاجي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي. هن چ??و ته تعليم، صحت جي عالمي سطح جي سهولتن جي پاڪستانين کي فراهمي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چ??و ته 2018ع ۾ عوام جي ڀلائي جو جيڪو سفر روڪيو ويو هو، الله تعاليٰ ??ي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هن چ??و ته وزيراعظم عوام جي خدمت لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ادا ڪندس، عوام جي خدمت جو رستو نه ڇڏيندس.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آئي ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بونانزا