اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي ??رو?? ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شد??د مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي ه??ڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وزيراعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا