اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي يافته جمهوريتن ۾ اتفاق راءِ سان حل ڳوليو ??ڃي ٿو، جمهوري قوتون جڏهن پاڻ ۾ وڙهن ٿيون ته غيرجمهوري قوتن جو ڪردار وڌي ??ڃي ٿو، هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، ملڪي سياست ۾ پولرائيزيشن ۽ ويڙهه کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيس، نئين آرمي چيف سان ع??را?? خان جي ملاقات جي ڳالهه نه ڪئي، فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن، ملڪ ۽ آئين کي بچائڻ تمام ضروري آهي، ڪنهن جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، اعزاز ڏيڻ ??فا?? يا صوبن جو نه صدر جو اختيار آهي جنهن جي ڪافي عرصي کان خلاف ورزي ٿي رهي اهي، ع??را?? خان دور ۾ به ان معاملي جي نشاندهي ڪئي هئي. هو نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏئي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، هن بل جي ٽائمنگ بهتر ڪري سگهجي پئي، هن بل جي ڊرافٽ کي پڙهيو آهي، ايوان مان ٿي اچڻ کانپوءِ مون وٽ اين??و ته ان وقت ڏسندس ته ان تي ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي، منهنجي ڪوشش هوندي ته منهنجو ڪردار بحران حل ڪرڻ وارو هجي. هن چيو ته جڏهن انسان تي دٻاءُ پوي ٿو ته هو پريشان ٿي ??ڃي ٿو، پي ٽي آءِ جي ليڊر به دٻاءُ جي وقت ڪجهه لفظ ادا ڪيا هئا اهي لفظ ادا نه ڪرڻ گهرجن ها. اهڙي طرح جڏهن ادارن تي دٻاءُ پوي ٿو ان ۾ ڪريڪس نظر اچڻ لڳن ٿا، ان جي ڪري اسان سمجهون ٿا ته انسان تي اهڙي طرح جو دٻاءُ نه وڌو وڃي، اها ڪيفيت جهڙي انسانن تي آهي ائين ئي ادارن تي آهي. هن چيو ته آئين ٺهڻ جي چار سالن کانپوءِ ويڙهيو ويو، ٻيهر بحال ٿيو ۽ ٻيهر مختلف وقتن ۾ آئين معطل رهيو. هن چيو ته اهو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن جي تاريخ کي تبديل ڪري سگهي ٿي، باقي ادارن ۾ به پاڻ ۾ ورڇ نه ٿيڻ گهرجي، ميڊيا رپورٽس موجب ڪنهن اداري سيڪيورٽي کان معذرت ڪئي ت?? ڪنهن چيو ته پئسا نه ٿا ڏئي سگهون ت?? ڪنهن چيو ته آر اوز نه ٿا ڏئي سگهون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اسيمبليون تحليل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن جو مدو لکيل آهي، ذوالفقار علي ڀٽو پڻ اليڪشن جو اعلان ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ججز تي به مشڪل وقت آهي، پاڻ ۾ حصيداري پيدا ڪن، پنهنجا معاملا ٻاهر اچن ته فيصلن تي ڳالهين ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون سامهون آيون، مون وزيراعظم کي انساني حقن جي حوالي سان جيڪو خط لکيو ان کي غلط ڏس ۾ ورتو ويو، مون ان خط ۾ 22 – 2021ع ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ڳالهه ڪئي جڏهن ته اهو پي ٽي آءِ جو دور هو، مون چيو ته انهن شين ۾ بهتري اچڻ گهرجي، مون کي وزيراعظم جي جواب تي افسوس ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙي طرح جو واقعو ٿيو ته آئون سڌوسنئون انساني حقن واري وزير سان ڳالهه ڪري ڇڏيندو هئس، ان دور ۾ به ڪيتريون ئي وضاحتون گهريون ويون، هاڻي ان ليول تي ڪا ڳالهه ئي نه ٿي ٿئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ??فا??ي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ڪو تمغو نه ٿيون ڏئي سگهن، رڳو صدر تمغو ڏئي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي، اهو معاملو ايڊوائس بابت آهي، ع??را?? خان حڪومت ۾ به ڪيترن ئي ايوارڊز جي خلاف هئس. هن چيو ته عدليه ۾ ورڇ اڳ کان آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کانپوءِ ڏسي وٺو، صفدر شاهه کي ملڪ ڇڏڻو پيو، عدالتن ۾ 100 سيڪڙو اتفاق راءِ ناهي هوندو، فيصلي ۾ ورڇ ٿي سگهي ٿي پر ذات جي بنياد تي ورڇ ٿيڻ نه گهرجي ۽ اناءَ به نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ذاتي ڳالهه ٻوله?? ڪنهن ٻئي جي لاءِ نه آهي، ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ جي اندر خطاب ۾ به روشني وڌي، ڪنهن جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، ڪال ٽيپ ڪندڙ ادارن کي احتياط ڪرڻ گهرجي، رڳو دهشتگردن جي ڪال ٽيپ ٿيڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي خواهش اڳ ۾ به اها ئي هئي ته پولرائيزيشن جيڪا خطرناڪ آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، جهيڙا گهٽ ٿي وڃن پر منهنجي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي. هن چيو ته نئين آرمي چيف جي ع??را?? خان سان ملاقات جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ان سان ملاقات دوران معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي. هن چيو ته فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شملا معاهدي، 1973ع جي آئين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو، آئين جي طاقت عوام آهي. هن چيو ت?? ڪنهن جي نااهلي مسئلي جو حل نه آهي، ڪنهن پارٽي تي پابندي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته بينظير ڀٽو کانپوءِ ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن ??ڃي ٿو، ان وقت هن پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
ترقي يافته جمهوريتن ۾ اتفاق راءِ سان حل ڳوليو وڃي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا