اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عمل??ار?? شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحمان، ??هزاده افتخارالدين، ??بدالولي خان، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خان، اس??ند يار خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحمان، ??لامت خان، ??اويد وزير، طارق نصير، محمد اعظم خان، ??فر حيات، مول??نا عبدالرحمان، ??نعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عمل??ار?? کي فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ا??ار?? ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي ملندڙ امداد تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے