اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ مو??مياتي انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان ا??ير ملڪن کان غريب ملڪن کي ان بحران جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن بحران جو سبب هو نه آهي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هڪ ڏهاڪي کان مو??مياتي تباهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحولياتي تبديليءَ جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. آسٽريلوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل لائيني جي لکيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ ??بب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ??وڙ?? ڇڏيو جنهن جي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل هفتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي مو??مياتي تبديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 جي وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي تبديليءَ سبب ٿيل انهن نقصان جي مالياتي طريقه ڪار تي زور ڀريو جيڪو اُسرندڙ ملڪن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم ملڪن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريعن جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته ا??ير ملڪ غريب ملڪن جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ ملڪن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي مو??مياتي فنانسن جي ضرورت هوندو.
ڪوپ 27 ۾ موسيماتي انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي: آمريڪي رسالي فارن پاليسيءَ جو خاص مضمون
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج