اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاع?? ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ سا?? شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پن??نجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پن??نجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ت?? قوم عظيم شاعر ۽ مفڪ?? ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون