اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگ??ين?? ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪي?? سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگ??ين?? جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگ??ين?? ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات وار?? وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگ??ين?? جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهترين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگ??ين?? ڪرڪيٽ ٽيم کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير ت??زي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگ??ين?? ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهترين مهمان نو??زي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگ??ين?? ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد