اسلام آباد- 01 ??يپ????بر (اي پي پي) پا?? فضائيه جي ايمرجنسي ريپانس ٽيمون وادي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واقعي پي اي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معا??نو ڪيو ۽ پي اي ايف ٽيمن طرفان فراهم ڪيل امدادي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پا?? فضائيه جي ترجمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پا?? فضائيه جي ٽيمن متاثر خاند??نن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا، 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ بنيادي کاڌي پيتي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پا?? فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.
پاڪ فضائيه جي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان