اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني ج??لي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بل??ول ڀٽ?? زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي ج?? پڄاڻي ج?? موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بل??ول ڀٽ?? زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني ج??لي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد