اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ان سلسلي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۾ ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا و??ا جن ۾ چئني چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي نمائندن کانسواءِ پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت پاران جاري بيان موجب ان ڏينهن کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي حوالي سان تيارين کي ترتيب ڏنو ويو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قدم کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي خ??وص?? حيثيت ختم ڪندي ان تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي خلاف پوري پاڪستان ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سراپا احتجاج آهي. 5 آگست تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ ڀارت انهن غيرقانوني قدمن جي آڙ ۾ والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ خ??وص?? طور تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ ٻاهرئين ملڪ ڀارت جي بربريت ۽ غيرقانوني قدمن کي بي نقاب ڪيو ويندو جنهن سلسلي ۾ ڪيترين ئي سرگرمين ترتيب ڏنو ويو آهي. استحصال ڏهاڙي تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پوري ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان صدر، وزيراعظم، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا پيغام هلايا و??ندا. پرڏيهي وزير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪمشنر کي خ??وص?? خط لکندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي حوالي سان پرڏيهي سفيرن کي بريف ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ خ??وص?? ڊاڪيومينٽري پڻ تيار ڪئي وئي آهي. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانا ان ڏينهن جي مناسبت سان وڊيو ڊاڪيومينٽري، تصويري نمائش ۽ ريليز منعقد ڪندا، پاڪستان جا سفير مقامي اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندا. پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ڪراچي ۾ پورٽ ريلي جو اهتمام ڪندو. اطلاعات واري وزارت 5 آگسٽ تي پاڪ چائنا سينٽر ۾ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو آهي. سمورا ٽي وي چينلز 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن جي مذمت ۾ پنهنجا لوگو ڪارا ڪندا. ريڊيو پاڪستان تي به ان ڏينهن جي مناسبت سان خ??وص?? پروگرامز هلايا و??ندا، استحصال ڏهاڙي جي حوالي هڪ نغمو پڻ تيار ڪيو ويو آهي، موبائيل ڪمپنيون ان ڏينهن جي حوالي سان خ??وص?? پيغام هلائينديون، لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ به تصويري نمائش، وڊيو ڊاڪيومينٽري هلائي ويندي. اسلام آباد سميت پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ اهم جاين تي خ??وص?? بينرز هليا و??ندا. هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز ۽ سمورن ميٽرو بس اسٽيشنز تي به خ??وص?? بينرز هلايا و??ندا. آزادي ٽرين جي طرز تي ٽرينن جون ڪجهه بوگيون ان ڏينهن جي مناسب سان پينٽ ڪري هلايون وينديون. موٽرويز ۽ سمورن ٽال پلازائن تي بينرز هنيا و??ندا. ايئرپورٽ تي غيرملڪين ۾ ان ڏينهن جي آگاهي، ڀارتي غيرقانوني قدمن ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن بابت پمفليٽ ورهايا و??ندا. مظفرآباد سميت آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي سمورن شهرن ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. قومي ترانو هلايو ويندو ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. راولاڪوٽ يونيورسٽي ۾ 5 آگسٽ جي مناسبت سان تقريري مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جي سمورن صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ هڪ منٽ جي خاموشي ۽ ريليز منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستان جي ضلعي هيڊڪاورٽرز ۽ تعلقن ۾ پڻ ان ڏينهن جي مناسبت سان خ??وص?? پروگرامز جوڙيا و??ا آهن. پنجاب حڪومت ڪرتارپور ۽ واهگه بارڊر تي ان ڏينهن جي حوالي سان خ??وص?? بينرز هڻندي جڏهن ته سياحتي جاين تي به خ??وص?? بينرز هنيا و??ندا ۽ سياحن ۾ خ??وص?? پمفليٽ ورهايا و??ندا.
والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن خلاف اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ