انقره – 01 – جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊ??لر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو وڃي، حڪومت هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. تر??ي جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز (ٽي او بي بي) جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو هُو پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي مل??ن جي ڪاورباري برادري آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊ??لر کان وڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪري، ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم جي آجيان ڪندي يونين آف چيمبرز جي صدر رفعت حسارسڪ ليوگلو تر??ي جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ۽ مشڪل وقت ۾ ٻنهي قومن جو هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي رورايتن کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم تر?? صدر رجب طيب اردوان جي زبردست قيادت ۾ تر?? جي غير معمولي ترقي کي ساراهيو، هن پاڪستان ۽ تر??ي جي لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن چيو ته سندس دوري جو مقصد ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم تر??ي جي سيڙپڪارن کي سهولتون ??راهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ان سلسلي ۾ خاص طور تي پاڪستان ۾ تر?? ڪمپنين کي درپيش مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن مان فائدو کڻندي واپار ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ لاءِ وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊ??لر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪريو. هن ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ان موقعي تي تر?? ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي منصوبن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪاروباري وفد سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو وڃي، حڪومت هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار