اسلام آباد – 15 –; مئي (??ي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ?? پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث