راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ??يجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ??يجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي ??ضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب ج?? انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌاي?? ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ??يجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ??يجهو ڪري پئي. هن چي?? ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي ??سلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار چي?? ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿي?? ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي ??اعدن ۽ ضابطن جي ??اسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي ??ضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چي?? ته پاڪستان ان واقعي جي ??رزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي ??ضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب ج?? انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي ??ضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چي?? ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيند?? ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.
ڀارت جي علائقي سرسا جي پاسي مان 9 مارچ تي تيز رفتار شيءَ فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي، اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس بريفنگ
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará