اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ?? عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ?? بنيادي حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي ل??ءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ?? ميڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري ل??ءِ صحافتي برادري جي اميدن تي پورو لهندا.
فواد حسين پاران سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل