اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانست??ن جي دوري جي موقعي تي تاجڪست??ن جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪست??ن جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪست??ن جي ب??در??اهن جي ذريعي تاجڪست??ن جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان کي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪست??ن جي صدر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن با??ت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانست??ن جا منجمند اثاثا غي??من??مند ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena