اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، حڪومت پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ريليف جي ڪري عوام تي عالمي سطح جي مهانگائي جو گهٽ کان گهٽ اثر منتقل ٿيڻ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته يو اين ايف اي او جي تازي رپورٽ سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 127 سيڪڙو ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي قوم کي هر صورتحال کان آگاهه رکڻ جي نئين روايت قائم ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريب، وچولي ۽ پيڙهيل طبقن جو وڌيڪ فڪر آهي. حڪومت احساس پروگرام متعارف ڪرايو ۽ هن وقت احساس پروگرام تحت 34 سماجي تحفظ جا پروگرام ڪامياب سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڏهاڙي جي بنياد تي وفاق ۽ صوب?? جي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاش (ن) ليگ ڪڏهن سچ به ڳالهائي سگهي، هن وقت دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سڀ کان گهٽ اثر پاڪستان تي پيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي شروعات 7 عروج جي دوران به پنهنجي عوام کي اڪيلو ??ه ڇڏيو. هن چيو ته ماضي ۾ عوامي ريليف جا اعلان رڳو نعر?? جي حد تائين ئي هئا، عملي طور تي پنهنجا ئي کيسا ڀريا ويا. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ملڪ جي اندر جيڪا به مهانگائي، بيروزگاري آهي ا?? جي ذميوار (ن) ليگ آهي، حقيقت ۾ (ن) ليگ نيب کان اهڙو اين آر او چاهي ٿي جنهن ۾ انهن جا سمورا ڪيسز هڪدم ختم ٿي وڃن. هن چيو ته (ن) ليگ 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ ملڪ جي هر ??دا??ي کي مفلوج ڪيو، انه?? جي ترجيح ڪرپشن، ڪميشن، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس هئي، 1998ع کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارنام?? جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ملڪ ڊيفالٽ تائين پهچي وي??. فرخ حبيب سوال اٿاريو ته آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان اڳ ڪير وي?? ۽ ڇو ا?? جي ضرورت پئي.
(ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil