رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي گهري، اسرندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل دوستي ۽ اخوت جي رشتن ?? ٻڌل اها مضبوط حصيداري ٻنهي ملڪ?? جي قيادت?? جي وچ ۾ سالن کان هلندي پئي اچي. پرڏيهي وزير چيو ته اسا?? جي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڏهاڪن کان هيستائين خصوصي ٻنڌڻ قائم رهيو آهي. اسا?? جي سچي دل سان خواهش آهي ته افغان لاڳاپن کي گهري، وڌندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي نئون پاڪستان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلما?? جي سعودي عرب جي لاءِ ويزن 2030ع جي بنيادي سماجي ۽ معاشي مقصدن ۾ انتهائي هڪ جهڙائي موجود آهي. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي نئون پاڪستان ويزن کي اجاگر ڪندي چيو ته اسا?? جيو پوليٽيڪس کا?? جيو اڪنامڪس طرف تبديلي تي يقين رکون ٿا. ٻيو اسان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا ته جيئن اسان پنهنجي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي سگهون. ٽيون اسان ترقي رکندڙ حصيداري جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ واپار، معاشي رابطن ۽ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسا?? جي خطي کي خوشهالي سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان کي معاشي سرگرمي?? جي مرڪز ۽ مثبت عالمي مفاد?? جي پرڪشش مقام طور پيش ڪريون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي سيڙپڪارن خاص طور تي سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان حاصل فائدن ۽ ثمرن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) وسيع تر پهچ ۽ خطن کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي جنهن ۾ واپاري رابطا ۽ ڍانچي جي ترقي?? رست?? جي نيٽ ورڪ، ريل ۽ فائبر آپٽڪ ڪيبل، توانائي پائپ لائينز ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جا منص??با شامل آهن. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو صنعتي جديديت، زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي تي ڌيان جو حامل آهي. خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ حڪومت خصوصي مراعتون ڏئي رهي آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو منافعو کڻي وڃڻ جي اجازت، ٽيڪس ۽ ڪسٽم کان ڇوٽ ۽ ڪيپيٽل ساما?? جي امپورٽ شامل آهي. گوادر بندرگاهه هوٽل، بئنڪنگ، انشورنس، فنانشنل ليزنگ، لاجسٽڪس، اوورسيز ويئر هائوس، خوراڪ ۽ تيل جي پراسيسنگ، مڇيءَ جي مصنوعات جي پراسيسنگ ۽ اليڪٽرانڪ شڊي?? جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿي. سعودي عرب جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستا?? جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نمايان ۽ ٺوس موقعا ۽ ترغيبات موجود آهن. پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل ثمر ملي سگهن ٿا. پاڪستانين سعودي عرب جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڏهاڪن کان خدمت?? جي شعبي ۾ حصو وڌو آهي. هو سعودي ويزن 2030ع کي شرمنده تعبير ڪرڻ ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته سيڙپڪاري فورم، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ تيزي آڻيندو ۽ ا?? جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن ?? موجود ان هم آهنگي ۽ ويجهي حصيداري عمل کي وڌيڪ سگهه ملندي جيڪا ٻنهي ملڪ?? جي قيادت جي وچ ۾ اڳ کان موجود آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپن کي گهري، اسرندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات