اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ ح??ومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي، ان تي تشدد ڪري قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون، سنڌ ح??ومت جو رويو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سنڌ ح??ومت قانون جو احترام ڪري، حليم عادل شيخ سان جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي اسان ان جي ??ذم?? ڪريون ٿا، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر، بي باڪ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، اسان ان معاملي کي اسيمبلي سميت هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين، جيستائين پئسي جي سياست آهي، جمهوريت مضبوط نه ٿيندي ۽ نه ئي معيشت، گهٽ تعداد جي باوجود پ پ پ ڪهڙي بنياد تي سينيٽ اليڪشن کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، ٿرپارڪر ۾ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ج?? ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو آهي، ڊسڪه ۾ اليڪشن جو فيصلو جيئن جو تيئن تسليم ڪنداسين، (ن) ليگ ماڊل ٽائون ۽ فيصل آباد مان تشدد جي سياست متعارف ڪرائي، ڌمڪي، طاقت ۽ لالچ جي سوچ کي ختم ڪرڻو پ??ند??، جمهوريت جا اصل ثمر حقيقي نمائندن جي ذريعي سامهون اچي سگهندا، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ نه پر ٻين پارٽيون تشدد جي سياست شروع ڪئي، ڪي پي ڪي ۽ نوشهره ۾ پرامن چونڊون ٿيون، تشدد جي ڪلچر کي تبديل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته سنڌ ح??ومت پي ٽي آءِ ج?? ڪارڪنن سميت حيلم عادل شيخ سان جيڪو به رويو اختيار ڪيو، اهو ??ذم?? جوڳو آهي، اهو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي طرف وٺي وڃي ٿو، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر ۽ بي باڪ سنڌ اسيمبلي ميمبر، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، سنڌ ح??ومت جي نااهلين ۽ ڪرپشن جي نشاندهي تي سندس فارم هائوس کي منع نامي باوجود ڪيرايو ويو، حليم عادل شيخ تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سنڌ ح??ومت پوليس جي اختيارن کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو.
حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت