اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو ۽ معاشري جي محروم ماڻهن جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پارليامينٽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قانونسازي ۾ جهول خ??م ڪري روايتي ??ريقيڪار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي لاءِ ??م ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون جڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ت?? مون سوچيو ته پارليامينٽ کي انهن ماڻهن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون سڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي ??صوصي ماڻهن جي لاءِ تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل کان به وڌيڪ آهن.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن