اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ذريعي قبائلي علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي، پاڪستان دهشتگردن جي خلاف بنا فرق جي ??ارروائي ڪئي، اسان هر قسم جي دهشتگردن جي خلاف آهيون ۽ پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردن کي برداشت نه ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اپوزيشن جي ??يترن ئي ميمبرن طرفان جمع ڪرايل رٿ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته آمريڪي سينيٽ جي آرمز سروسز ڪميٽي جي ??يئرمين جان مڪين جي سربراهي ۾ 2 کان 3 جولاءِ تائين 5 رڪني آمريڪي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ان دوران و??يراعظم ۽ صلاحڪار سان به ملاقاتون ڪيو??، آمريڪي سينيٽرز جو وفد آرمي چيف سان به مليو ۽ کين دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشنز جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.
آپريشن ضرب عضب سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال