اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ٻارن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته حڪومت ٻارن جي تحفظ، صحت، تعليم ۽ بهتر رهڻي ڪهڻي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا آ??ن. ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ صدر چيو آهي ته ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن (يو اين سي آر سي) جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ ?? فروغ جو علمبردار آهي. صدر قوم کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان ان عزم کي ورجايون ته پنهنجي ٻارن کي ملڪ جو فائديمند شهري ۽ گلوبل وليج جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری